واشنگٽن _ 27 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو هارورڊ يونيورسٽي جي سائنسي ۽ انجنيئرنگ ريسرچ گرانٽس مان 3 ارب ڊالرن جي رقم واپس وٺڻ ۽ ان کي آمريڪا ۾ پيشيوراڻي تعليمي ادارن کي ڏيڻ تي غور ڪري رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سندس اهو تبصرو پليٽ فارم ” ٽروٿ سوشل “ تي ان وقت سامهون آيو جڏهن هن يونيورسٽي جي انتظاميه کي پرڏيهي شاگردن کي داخلا ڏيڻ کان روڪڻ جي حڪم کي هڪ هفتي کان به گهٽ وقت گذريو آهي. اهو ٽرمپ جي آمريڪي تعليمي ادارن تي ڪجهه حڪومتي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي غير معمولي ڪوشش جو حصو آهي. واضع رهي ته ٽرمپ گذريل ڪجهه هفتن ۾ هارورڊ يونيورسٽي جي اٽڪل 3 ارب ڊالرن جي وفاقي گرانٽس منجمند ڪري ڇڏي آهي.