ڪراچي-26 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير مواصلات عبدالعليم خان ۾ پنهنجن پنهنجن ٽيمن سان گڏ هڪ تفصيلي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف التواهيٺ مسئلن تي ڳالهايو ويو جن ۾ ايم 6 حيدرآباد-ڪراچي موٽر وي جي تعمير، لياري ايڪسپريس وي کي هيوي ٽريفڪ لاءِ کولڻ، سهراب ڳوٺ تي ٽريفڪ مسئلن جو انجنيئرنگ حل، ڄامشورو-سيوهڻ روڊ جو مڪمل ٿيڻ ۽ بندرگاهه ٽريفڪ کي سڌو سنئون حيدرآباد ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين موٽر وي (ايم 10) جي تعمير تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وڏي وزير سان گڏ سينيئر وزير شرجيل ميمڻ، رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وزير ناصر شاهه، تعمير وارو وزير علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري تعمير نواز سوهو، ۽ سيڪريٽري بلديات وسيم معظم شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي حڪومت جي وفد ۾ سيڪريٽري مواصلات علي شير محسود، چيئرمين اين ايڇ اي صاحبزاده شهريار، اين ايڇ اي جا ميمبر مظهر شاهه، عبداللطيف مهيسر، رميش الياس ۽ ٻيا شامل هئا. ايم 6 حيدرآباد-سکر موٽروي: وڏي وزير مراد علي شاهه ايم 6 موٽروي جي اهميت تي زور ڀريو ته هي منصوبو ڪراچي کان پشاور ۽ لاهور تائين موٽرويز نيٽ ورڪ جو تسلسل قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته ڪراچي پورٽ کي ملڪ جي ٻين حصن سان موٽرويز ذريعي جوڙڻ کانسواءِ هي نيٽ ورڪ مڪمل نٿو ٿئي. ايم 6 منصوبي جي منظوري باوجود دير تي افسوس جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير عليم خان به ڪراچي پورٽ کي موٽرويز سان ڳنڍڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ٻڌايو ته ايم 6 منصوبي کي پنجن حصن ۾ ورهايو ويو آهي جن مان ٽن حصن جي فنڊنگ مڪمل ٿي چڪي آهي جڏهن ته باقي حصن تي ڪم جاري آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته منصوبي جي فنڊنگ وفاقي حڪومت، ڪمرشل بئنڪن ۽ ڪجهه حصن لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) جي بنياد تي ٿي رهي آهي. مراد علي شاهه پي پي پي ماڊل ۾ پيچيدگين سبب امڪاني دير تي خدشو ظاهر ڪيو ۽ سنڌ حڪومت پاران 40-50 ارب رپين جي برج فنانسنگ ڏيڻ جي آڇ ڪئي. وفاقي وزير يقين ڏياريو ته سيپٽمبر ۾ ايم 6 تي ڪم شروع ڪيو ويندو. ڄامشورو-سيوهڻ روڊ: مراد علي شاهه نشاندهي ڪئي ته ڄامشورو-سيوهڻ روڊ (66 ڪلوميٽر) اين ايڇ اي پاران اڃان مڪمل ناهي ٿيو جيتوڻيڪ 2017 ۾ ان لاءِ 7 ارب رپيا ادا ڪيا ويا هئا. ۽ 24 ڪلوميٽرن تي ڪم هلي رهيو آهي. لياري ايڪسپريس وي: وڏي وزير چيو ته لياري ايڪسپريس وي جو مقصد بندرگاهه ٽريفڪ کي موٽرويز سان ڳنڍڻ هو جيڪو اڃان مڪمل نه ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته اين ايڇ اي ان کي صرف هلڪي ٽريفڪ لاءِ مخصوص ڪيو آهي. اين ايڇ اي ٻڌايو ته هڪ ٿرڊ پارٽي آڊٽ ۾ ان کي هيوي ٽريفڪ لاءِ غير موزون قرار ڏنو ويو آهي، پر تجويز ڏني ته غير مصروف وقتن ۾ هيوي ٽريفڪ کي اجازت ڏئي سگهجي ٿي. مراد علي شاهه سهراب ڳوٺ تي ٽريفڪ جي دٻاءَ جو به ذڪر ڪيو ۽ ان لاءِ سروس روڊ جي تجويز ڏني. ايم 10 ڪراچي-حيدرآباد موٽروي: اجلاس ۾ ڄاڻايل ايم 10 موٽرويز جو پڻ جائزو ورتو ويو جيڪو آءِ سي آءِ پل، ڪي پي ٽي، گل بائي ۽ حب چوڪي کي سڌو حيدرآباد سان ڳنڍيندو. فيصلو ٿيو ته ايم 10 لاءِ مڪمل منصوبا بندي ڪئي ويندي ته جيئن ڪراچي جي اندروني ٽريفڪ تي دٻاءُ گهٽجي.