اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڪمال الدين اظفر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ڪمال الدين اظفر جي لاڏاڻي تي مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي سندس سياسي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته ڪمال الدين اظفر جهڙا سياستدان پاڪستان پيپلزپارٽي جو اثاثو آهن، مرحوم سنڌ صوبي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. صدر آصف علي زرداري مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.