تهران – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان مشڪل جاگرافيائي سياسي صورتحال ۾ ايران سان اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ايران آمريڪا ائٽمي معاهدي سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ملي سگهي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي سان خيرسگالي ملاقات ڪئي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ملاقات دوران وزيراعظم سپريم ليڊر جي لاءِ پنهنجي گهري احترام جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سندس عظمت مسلم دنيا جي هڪ نمايان شخصيت جي طور تي آهي ۽ مسلمان امت رهنمائي ۽ سرپرستي جي لاءِ سندس طرف ڏسي ٿي. وزيراعظم کيس ڀارت سان تازي تڪرار ۽ ڀارت جي تسلط پسنداڻي ۽ توسيع پسنداڻي ارادن بابت ٻڌايو ۽ ڀارتي جارحيت جي خلاف پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي ايران جي قيادت جا دل سان ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي سدائين خواهش آهي ته خطي ۾ امن قائم ٿئي جنهن سان اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي اچي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ليڊر کي پاڪستان ايران لاڳاپن کي اعليٰ ترين سطح تي آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته سندس حڪومت ڏکئي جاگرافيائي سياسي صورتحال دوران ايران سان اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آمريڪا سان ائٽمي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ ۾ ايراني قيادت جي دورانديشي کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري معاهدو طئي ٿي ويندو. ان سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ملي سگهي ٿو. سپريم ليڊر دورانديشي سان علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي ذاتي عزم کي ساراهيو. سپريم ليڊر پاڪستان ۽ ان جي عوام جي وڌيڪ خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم شاعر مشرق علامه اقبال جي شاعري جي لاءِ سپريم ليڊر جي لگن کي دل جي گهرائين سان ساراهيو. هن سپريم ليڊر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.