واشنگٽن -25 مئي (اي پي پي) آمريڪا جي هڪ ضلعي عدالت ٽرمپ انتظاميه طرفان پرڏيهي شاگردن کي هارورڊ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ کان روڪڻ وارين ڪوششن کي عارضي طور رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عدالت هڪ حڪم نامو جاري ڪندي چيو ته سمورين ڌرين جي ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ هارورڊ کي فوري ۽ ناقابل تلافي نقصان پهچندو. يونيورسٽي ٽرمپ انتظاميه خلاف اهو ڪيس ان وقت داخل ڪيو هو جڏهن هوم لينڊ سيڪيورٽي کاتي خميس تي اعلان ڪيو هو ته پرڏيهي شاگردن کي داخلا جي اجازت نه ڏني ويندي. کاتي هارورڊ تي ڪيمپس ۾ تشدد ۽ يهود دشمني کي هٿي ڏيڻ جو الزام لڳايو هو. گڏوگڏ خبردار به ڪيو ويو هو ته موجوده پرڏيهي شاگردن کي يا ته ڪنهن ٻئي اداري ۾ منتقل ٿيڻو پوندو يا پوءِ آمريڪا ۾ رهائش جي قانوني حيثيت کان محروم ٿيڻو پوندو.