غزه -25 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي)  جو چوڻ آهي، ته غزه جي پٽي جي ڪجهه حصن ۾ بيڪرين اٽڪل اڍائي مهينن ۾ پهريون ڀيرو علائقي ۾ امداد جي فراهمي کان پوءِ ٻيهر پيداوار شروع ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڊبليو ايف پي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته غزه جي ڪجهه بيڪرين امداد جي فراهمي کان پوءِ ٻيهر پيداوار شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ انهن کي ٽرڪ تي ڪڻڪ جا ٿيلها پهچايا پيا وڃن. ڊبليو ايف پي جي هڪ اهلڪار فراهمي کي هڪ شروعات  قرار ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اها تنظيم غزه جي 22 لک شهرين لاءِ وڌيڪ انساني امداد پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.