اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سمورين پاليسين ۾ جامع توازن تمام گهڻو ضروري آهي، پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ مالياتي پاليسي، اوڳاڙين جي پاليسي ۽ پيداواري پاليسي کي هڪ جهڙو هجڻ ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان برطانوي ماهر معيشت پروفيسر ڊاڪٽر اسٽيفن ڊرڪن ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سمورين پاليسين ۾ جامع توازن تمام گهڻو ضروري آهي، پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ مالياتي پاليسي، اوڳاڙين جي پاليسي ۽ پيداواري پاليسي جو هڪ جهڙو هجڻ ضروري آهي. هن چيو ته گذريل دورن ۾ پاڪستاني شين جي سڄي دنيا ۾ گهرج هئي ۽ پاڪستان جو ڳاڻيٽو برآمدي ملڪن ۾ ٿيندو هو، اسان پاڪستان کي ٻيهر انهي مقام تي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا، ان جي لاءِ معيشت ۾ اهڙا سڌارا گهربل آهن جنهن سان نظام ٻيهر برآمدي ترقي طرف گامزن ٿي وڃي. پروفيسر ڊاڪٽر اسٽيفن ڊرڪن حڪومتي معاشي پاليسي جي صحيح رخ ۽ سڌارن کي ساراهيو. ٻاهرئين سيڙپڪارن جي پاڪستان جي حوالي سان مثبت رجحانن جو ذڪر ڪندي هن ٽيرف ريشنلائيزيشن پاليسي کي ساراهيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ترقي ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، پاور وارو وفاقي وزير اويس خان لغاري، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.