اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) وفاقي حڪومت پاران ايندڙ مالي سال جي لاءِ بجيٽ 10 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. ناڻي واري وزارت پاران جاري بيان موجب ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد ٻڌايو ته وفاقي بجيٽ 10 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. وفاقي بجيٽ کان هڪ ڏينهن قومي اقتصادي سروي مالي سال 25 – 2024ع جاري ڪيو ويندو.