اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڀارت جي سرپرستي هيٺ 20 سالن کان جاري رياستي دهشتگردي کي ٺوس ۽ جامع شاهدين ذريعي بي نقاب ڪندي چيو آهي ته بلوچستان خاص ڪري خضدار سانحي ۾ فتنه الهندستان ملوث آهي، ڀارت پنهنجي دهشتگرد پراڪسيز فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج ذريعي خطي ۽ پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، ان پراڪسيز جي ڳٺ جوڙ کي ٽوڙي انهن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏينداسين، پاڪستان تي ڀارتي حملي دوران سندن حامي پراڪسيز پاڪستان تي حملن ۾ شدت آندي، بلوچستان جي ترقي ملڪ دشمن قوتن کان هضم نٿي ٿئي. اهڙو اظهار هن گهرو معاملن واري وفاقي سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) خرم آغا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر احمد شريف چوڌري بريفنگ ذريعي 20 سالن کان ڀارتي سرپرستي ۾ جاري دهشتگردي بابت حقيقتون ميڊيا آڏو پيش ڪيون. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين ڀارت جي دهشتگردي جاري آهي. 1947ع ۾ دهشتگرد تنظيم مڪتي باهني وجود ۾ آئي. ڀارت پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ دهشتگردي لاءِ اها تنظيم قائم ڪئي ۽ اهو سلسلو جاري رهيو. هن چيو ته 2009ع ۾ پاڪستان حڪومت شرم الشيخ ۾ ان وقت جي ڀارتي وزيراعظم کي ناقابل ترديد ثبوتن سان گڏ ڊوزيئر حوالي ڪيا هئا. اهو تاريخ جو حصو آهي. 2010ع ۾ دستاويزي ثبوت جاري ڪيا ويا.2015ع ۾ پاڪستان وري گڏيل قومن ۾ ڀارتي دهشتگردي بابت هڪ ڊوزيئر پيش ڪيو. 2016ع ۾ ڀارت جي سرپرستي ۾ بلوچستان ۾ دهشتگردي کي بي نقاب ڪيو ويو. ڀارتي بحريه جي حاضر سروس آفيسر ڪلڀوشن ياديو کي گرفتار ڪيو ويو. هن پنهنجي ڪڌي دهشتگرداڻي ڪم ۽ ڀارتي حڪومت جي سرپرستي ۽ فنڊز جي فراهمي بابت اعتراف ڪيو. هن چيو ته 2019ع ۾ ٺوس ثبوتن سان گڏ ڊوزيئر گڏيل قومن ۾ پيش ڪيو ويو. تازو ئي ميڊيا ڏٺو ته فتنه الهندستان جي ڪيترن ئي دهشتگردن پاڻ هٿيار ڦٽا ڪيا. هن ٻڌايو ته ڀارت ڪهڙي طرح بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي سرپرستي، فنڊن جي فراهمي ۽ منصوبابندي ڪري رهيو آهي ۽ ڪارروايون روزاني جي بنياد تي جاري آهن. 21 مئي تي معصوم ٻارن تي بزدلاڻو حملو ڪيو ويو، هي ڀارت جو دهشتگرد چهرو ۽ فتنه الهندستان جو ظالماڻو ۽ حقيقي چهرو آهي. خضدار ۾ حملو ڀارت جي حڪم تي فتنه الهندستان جي دهشتگردن ڪيو ان ۾ انسانيت، اخلاقيات، بلوچي قدرن ۽ پاڪستانيت ناهي. اپريل 2024ع ۾ فتنه الهندستان ڀارت جي حڪم تي ڄاڻي واڻي معصوم ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بڻايو، 12 اپريل 2024ع تي گوادر ۾ 7 حجم، 26 آگسٽ 2024ع ۾ 22 معصوم مسافرن، 28 سيپٽمبر 2024ع تي پنجگور ۾ 7 پورهيتن، دڪي ۾ 10 آڪٽوبر 2024ع تي 21 کاڻين جي مزدورن ۽ 13 نومبر 2024ع تي زيارت ۾ 3 مسافرن، 10 فيبروري 2025ع تي ڪيچ ۾ ٻن درزين، 14 فيبروري تي هرنائي ۾ 10 معصوم ماڻهن، 19 فيبروري 2025ع تي 7 مسافرن کي بس مان لاهي شهيد ڪيو ويو. 9 مارچ 2025ع تي پنجگور ۾ ٽن حجمن کي شهيد ڪيو ويو. 11 مارچ 2025ع تي جعفر ايڪسپريس تي حملي ۾ سويلين، معصوم عورتن ۽ ٻارن ۽ موڪل تي ويندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو، فتنه الهندستان کين شهيد ڪيو. 26 مارچ گوادر ۾ 6 غريب مزدورن کي قتل ڪيو ويو، 6 ۽ 7 مئي تي ڀارتي فوج مسجدن تي حملا ڪري 7 عورتن ۽ 15 ٻارن سميت 40 معصوم شهرين کي شهيد ڪيو. هي انهي دهشتگردي جو تسلسل هو، فتنه الهندستان ٻارن کي شهيد ڪرڻ باوجود اسان جي عزم کي ڪمزور نه ڪري سگهيو. پاڪستاني قوم آپريشن بنيان مرصوص ذريعي متحد ٿي سامهون آئي. دشمن کي گوڏن ڀر جهڪڻو پيو. هن چيو ته فتنه الهندستان 9 مئي تي لسٻيله ۾ 3 حجمن، 13 مئي تي نوشڪي ۾ 4 پورهيتن ۽ 21 مئي تي 6 معصوم ٻارن کي شهيد ڪيو ۽ 51 زخمي آهن انهن ۾ گهڻو ڪري ٻار آهن. هن چيو ته بلوچستان جو عوام سوال ڪري ٿو ته دهشتگردي جو بلوچي قدرن سان ڪهڙو تعلق آهي؟ پاڪستاني مسلمان پڇي رهيا آهن ته ان جو اسلام ۽ انسانيت سان ڪهڙو تعلق آهي؟ جنهن ۾ اهي درندا هندستان جي پئسي ۽ حڪمن تي بربريت ڪري رهيا آهن هي ڪهڙي آئيڊيالوجي آهي. هي آئيڊيالوجي ناهي حيوانيت آهي . ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 25 آگسٽ تي جهلم مان هڪ دهشتگرد پڪڙيو ويو، سندس موبائيل سميت ٻين شين جي فرانزڪ ڪرائي وئي ته خطرناڪ شاهديون سامهون آيون. ڀارت جو حاضر سروس آفيسر ميجر سنديپ جي دهشتگردن سان ڳالهه ٻولهه سامهون آئي، هي آڊيو ان دهشتگرد جي ڀرتي وقت جي آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته اسان لاهور کان بلوچستان تائين دهشتگردي ڪرائي رهيا آهيون، احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت وٽ پاڪستان خلاف دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت آهن ته سامهون آڻي، ڀارت 6 ۽ 7 مئي تي ڪهڙي بنياد ۽ ثبوتن تي حملو ڪرڻ جو منصوبو بڻايو، انهن جاين تي ميڊيا دورو ڪيو، اتي ڪو به ٺڪاڻو نه هو پر معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته ڪير دهشتگرد آهي، ڪير انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت فتنه الهندستان سميت پنهنجي پراڪسيز کي متحرڪ ڪيو جن جو ايمان صرف پئسو آهي. هن چيو ته سرحد تي اڳرائي ڪندڙ 71 دهشتگردن کي ماريو ويو، بلوچستان ۾ 9 ۽ 10 مئي تي 33 واقعن ۾ فتنه الهندستان جي 5 دهشتگردن کي ماريو ويو ۽ 22 کي گرفتار ڪيو ويو. اسان جي سيڪيورٽي فورسز چوڪس ۽ فعال هيون ۽ آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فتنه الهندستان وٽ مهانگا ۽ جديد هٿيار هئا، هي انهن کي ڀارت خريد ڪري ڏيندو آهي ۽ فتنه الخوارج جو ڀارت سان ڳٺ جوڙ وڌيڪ واضح ٿي رهيو آهي. دهشتگردن وٽ اهي هٿيار هوندا آهن جيڪي افغانستان ۾ ڇڏيا ويا، ڀارت جا اطلاعاتي ذريعا به فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جا هٿ مضبوط ڪن ٿا، 4 نومبر تي ميانوالي تي حملي کان اڳ ڀارتي ميڊيا چيو ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ اهم واقعو ٿيڻ وارو آهي ۽ ٻئي ڏينهن صبح گڊ مارننگ ميانوالي چيو ۽ ان حملي بابت ڪوڙيون ۽ من گهڙت خبرون نشر ڪيون، 6 آڪٽوبر 24ع تي ڪراچيءَ ۾ چيني شهرين تي حملو ٿيو، ان کان اڳ ڀارت سان جڙيل اڪائونٽس پوسٽون ڪيون ڇاڪاڻ ته انهن حملن جي رٿابندي اتي ڀارت ۾ ٿيندي آهي، جعفر ايڪسپريس تي حملي کان اڳ به اهڙيون خبرون هلايون ويون، پوري دنيا ان واقعي جي مذمت ڪئي پر ڀارت ۾ خوشيون ملهايون ويون. خضدار جي المناڪ سانحي کانپوءِ ڀارت جي ”را“ سان ڳنڍيل سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پروپيگنڊا ڪئي وئي، دهشتگردي جي واقعن تي ڪهڙو ملڪ خوش ٿيندو آهي، ڀارتي ميڊيا 6 ۽ 7 مئي جي حملي ۾ معصوم پاڪستانين جي شهادت تي به خوشيون ملهايون. هن چيو ته فتنه الهندستان ڀارت کي پاڪستان ۾ حملي لاءِ بيان جاري ڪري ٿو، پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز بهادر آهي ۽ عوام جو عزم پختو آهي، اسان هر قيمت تي ملڪي سلامتي، قومي سلامتي ۽ سرحدن جو بچاءُ ڪنداسين. هن چيو ته ڀارت ۾ آزاد ميڊيا جو وجود ناهي، هو رياست جي ڪنٽرول ۾ آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا آزاد آهي، ڀارت جي نام نهاد جمهوريت ميڊيا سان ڇا ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پوري دنيا پاڪستان ۾ ڀارتي دهشتگردي جي باري ۾ ڄاڻي ٿي، دهشتگرد اسلم اڇو ڀارتي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، بي ايل اي سان واسطو رکندڙ بشير زيب کي ڀارت افغانستان جو پاسپورٽ ڏنو آهي، دهشتگرد الله نذر فتنه الهندستان جو بدنام خليل چيئرمين ڀارت ۾ آهي، فتنه الخوارج جو بدنام ملڪ فريدون به ڀارت ۾ علاج هيٺ آهي. هن چيو ته جن بلوچن کي ڀارت جو گندو چهرو نظر ۽ سمجهه اچي ٿو اهي هٿيار ڦٽو ڪري رهيا آهن جن ۾ سرفراز احمد بنگلزئي ۽ نجيب الله جهڙا نوجوان شامل آهن، ان حوالي سان هن هٿيار ڦٽا ڪندڙن جي وڊيو به ٺهرائي. فتنه الهندستان بلوچ عورتن کي بليڪ ميل ۽ خودڪش حملن ۾ استعمال ڪري ٿو. هن چيو ته حضور اڪرمﷺ فرمايو آهي ته هي اهي ماڻهو آهن جيڪي بت پرستن کي ڇڏي ڏيندا۽ مسلمانن کي قتل ڪندا، هي اهي خوارج آهن. هن چيو ته ڀارتي انٽيليجنس ايجنسيون لکين سوشل ميڊيا اڪائونٽس هلائي رهيون آهن جيڪي فتنه الخوارج جي حمايت ڪن ٿيون، هي اهي آهن جيڪي ڊس انفوليب هلائي رهيون آهن. هن چيو ته جنوري 24ع ۾ سڄي پاڪستان ۾ 4664 دهشتگرديءَ جا واقعا ٿيا، ان مان بلوچستان ۾ 1612 واقعا ٿيا، سيڪيورٽي فورسز ان عرصي دوران 93515 آپريشن ڪيا جن ۾ 52887 بلوچستان ۾ ڪيا ويا، 2024ع ۾ ڪل 1018 دهشتگرد ماريا ويا، جن مان 233 دهشتگرد بلوچستان ۾ ماريا ويا، 25ع ۾ هن وقت تائين 747 دهشتگرد ماريا ويا، جن مان 203 دهشتگرد بلوچستان ۾ ماريا ويا، رياست دهشتگردن کي نشانو بنائي رهي آهي. هن چيو ته اسان جا والدين پنهنجي معصوم ٻارن جا لاش کڻي رهيا آهن پر انهن جو عزم ڪمزور نه ٿيو، فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج ان ملڪ جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن. گهرو سيڪريٽري ڪئپٽن (ر) خرم آغا چيو ته 21 مئي تي صبح سويري خضدار ۾ اسڪول بس تي افسوسناڪ دهشتگرد حملو ڪيو ويو. ان حملي ۾ معصوم ٻارن کي نشانو بنايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ٻارن سميت 7 ڄڻا شهيد ٿيا ۽ 31 زخمي ٿيا. هي صرف بس تي حملو نه هو پر اسان جي قدرن، تعليم ۽ اسان جي معاشري جي هر طبقي تي حملو هو. حڪومت طرفان شهيدن جي ڏکويل ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ ان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ساڻن گڏ آهيون. هن چيو ته گهرو وزارت صوبائي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو. شروعاتي جاچ مان ثابت ٿيو ته هر واقعو ڀارت جي سرپرستيءَ ۾ فتنه الهندستان ذريعي وسيع تشدد جي ڪاررواين جو حصو آهي، جيڪو ڀارتي انٽيليجنس را جي سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو جيڪو نام نهاد آپريشن سندور ۾ مڪمل طور ناڪام رهيو. ڀارت جي دهشتگرد پراڪسيز کي بلوچستان ۾ دهشتگردي جي مڪروه حملن جو هدف ڏنو ويو آهي، جنهن جو مقصد علائقي ۾ ترقيءَ کي نقصان پهچائڻ ۽ امن ۽ ترقيءَ جي عمل کي پٽڙيءَ تان لاهڻ آهي. 1971ع جي راند ٻيهر ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جو عوام کين ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو، پاڪستان ۽ ان جو عوام خاص ڪري بلوچستان انهن مڪروه ارادن کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته گذريل ٻن سالن دوران فتنه الهندستان هارڊ ٽارگيٽ ۾ ناڪاميءَ تي سافٽ ٽارگيٽ کي نشانو بڻايو. جن ۾ مزدورن، ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن، انفراسٽرڪچر ۽ مشنيريءَ تي حملن مان رياست جو ڪنٽرول گهٽ هئڻ طور تي پيش ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان پنهنجي عزم سان ان تشدد جو خاتمو ڪنداسين. اسان پُرعزم آهيون ۽ اسان جو جواب فيصلائتو هوندو، هو ڪامياب نه ٿيندا. بعد ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي دهشتگرد پراڪسيز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڀارتي اڳرائي کانپوءِ آپريشن بنيان مرصوص ذريعي ڏيکاريل عزم جي ضرورت آهي، اسان کي اها حقيقت ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڀارت پاڪستان خلاف حملا ڇو ڪيا؟ پاڪستان گذريل ٻن سالن دوران دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪري انهن لاءِ زمين تنگ ڪري ڇڏي. غير قانوني افغانين کي ملڪ بدر ڪيو ويو، دهشتگردي جي ڳٺ جوڙ خلاف ڪارروايون ڪيون ويون، غير قانوني واپار بند ڪيو پيو وڃي جتان کين فنڊ ملندا آهن. بلوچستان ۾ انهن جي پراڪسيز خلاف گهيرو تنگ ڪيو ويو. ڀارت پنهنجي پراڪيسز کي فائدو پهچائڻ لاءِ اڳرائي ڪئي. هٿياربند فوج جو وڏو حصو دهشتگرد پراڪسيز خلاف بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ مقرر آهي، ڪوبه هڪ فوجي اهلڪار اتان نه هٽايو ويو، ڀارت 33 هنڌن تي حملا ڪيا، اسان ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊري تي زميني ۽ فضائي محاذن تي مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو، ڀارت مايوسيءَ جو شڪار آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بلوچستان سماجي ۽ معاشي طور مضبوط ٿي رهيو آهي، ريڪوڊڪ آپريشنل ٿي رهيو آهي، ڊگهي مدي وارا حصيدار هتي اچڻ لاءِ تيار آهن، بلوچستان جي بليو اڪانومي تي معاهدو ٿي رهيو آهي، گرين انيشيئٽو پاڪستان تحت قدم کنيا پيا وڃن، لکين ايڪڙ ايراضي کي پوکيءَ لائق بڻايو ويو آهي. گوادر بندرگاهه ۽ گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ فعال آهن، بلوچستان جا 73 هزار شاگرد صوبائي حڪومت جي اسڪالرشپ تي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، شاهراهن جي نيٽ ورڪس کي وڌايو پيو وڃي. اسپتالون ۽ ڊائلاسز سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. انگلينڊ ۾ آڪسفورڊ يونين جو صدر بلوچ نوجوان آهي، اهي نوجوان ملڪ جو اصل چهرو آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت ۽ پاڪ فوج بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ سمورا وسيلا ۽ طريقا استعمال ڪري رهيا آهيون، اسان ڀارتي مذهبي هنڌن ۽ شهرين تي حملو ناهي ڪيو. گهرو سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) خرم آغا چيو ته پشاور سانحو اي پي ايس کانپوءِ آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آئي، نيشنل ايڪشن پلان کي نئين سر جوڙيو پيو وڃي، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگردي خلاف نيشنل ايڪشن پلان جا 13 نڪتا آهن جن تي ڪجهه تي عمل ڪيو ، دهشتگردن خلاف اطلاعن جي بنياد تي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، انهن ۾ ڏينهون ڏينهن شدت ۽ تيزي اچي رهي آهي، ان ۾ عوام ۽ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، ان جي پويان ڀارت جي هڪ هٺيءَ جي خواهش آهي هو پاڪستان ۽ خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسان متحد ٿي ڀارت کي جواب ڏنو آهي ۽ متحد ٿي انهن دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. ميڊيا کي ان جا بد ڪردار چهرا بي نقاب ڪرڻ گهرجن، دهشتگردن جو انسانيت ۽ انساني حقن سان ڪو به تعلق ناهي. دهشتگردي جي واقعن ۾ گم ٿيل ماڻهو ملوث هئا، جعفر ايڪسپريس حملي ۾ معصوم ماڻهو شهيد ٿيا، حملي آورن جا لاش ڦرڻ جو حق ڪنهن کي آهي؟ هن چيو ته ڀارت امرتسر ۾ پروجيڪٽائيل اڇلڻ، ننڪانه صاحب پاڪستان لاءِ قابل احترام آهي، ڀارت اتي ڊرون موڪلي حملو ڪيو، پنجاب (ڀارت ۽ پاڪستان) وچ ۾ ثقافتي تعلق ۽ رشتو آهي، سک مذهب جا مقدس ماڳ پاڪستان ۾ آهن، اسان انهن جي حفاظت ڪندا آهيون ۽ سهولتون فراهم ڪندا آهيون، اسان ڀارت ۾ سکن جي مذهبي ماڳن تي حملو ڇو ڪريون؟ ڪرتار پور راهداري پاڪستان طرفان کليل آهي، ڀارت سکن کي اچڻ نه ڏئي رهيو آهي، ڀارت جا حاضر سروس جنرل ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، اسان پنهنجي ميڊيا کان ڪجهه ناهي لڪايو. هن چيو ته ڪو عقل کان انڌو ئي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جو پاڻي بند ڪري سگهي ٿو، ان باري ۾ وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت جو موقف واضح آهي، هن چيو ته پاڪستان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي اولين ترجيح آهي.