اسلام آباد – 23 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار غيرملڪي گادي وارن شهرن ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪرڻ جي لاءِ نامزد اعليٰ سطحي وفد جي ميمبرن ڏينهن ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم پاڪستان جي سفارتي ترجيحن جو خاڪو پيش ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته وفد موثر طريقي سان پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندو ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي امن جي پيغام کي فروغ ڏيندو.