جنيوا-23 مئي (اي پي پي)صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ڊبليو ايڇ او سان موجوده تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. هن اها ڳالهه اڀرندي رومي سمنڊ بابت ڊبليو ايڇ او جي ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حنان بلخي سان جنيوا ۾ ٿيل ملاقات دوران چئي. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ علائقائي سطح تي صحت جي ترجيحن ۽ چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين صحت جي شعبي کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ لاءِ ويجهي حصيداري کي سگهه ڏيڻ ۽ اثرائتي ريگوليٽري فريم ورڪ، ٽيلي ميڊيسن، مصنوعي ذهانت ۽ ٻي نئين ٽيڪنالاجيز کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو جنهن جو مقصد عوام کي بهتر، موثر ۽ وقت سر طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي. صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته صحت جي شعبي ۾ ڊبليو ايڇ او جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. پاڪستان عالمي ادارن جي تعاون سان قومي صحت جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته هي ملاقات مستقبل جي مضبوط حصيداري جي هڪ اهم ڪڙي ثابت ٿيندي. ڊاڪٽر حنان بلخي پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ ڪوششن کي ساراهيو ۽ ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.