اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڀارت 6 ۽ 7 مئي تي جيڪا جارحيت ڪئي، ان جو پاڪستان جي فضائيه ڀرپور ۽ موثر جواب ڏنو. سينيٽ جي اجلاس ۾ هن انڪشاف ڪيو ته 9 ۽ 10 مئي تي ڀارت پاڪستان جي ايئر بيسز کي نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن چيو ته پاڪستان طرفان واضح ۽ مضبوط ردِ عمل ڀارت کي جنگ بندي تي مجبور ڪيو. صورتحال هاڻي به حساس آهي ۽ اسان کي چوڪس رهڻو پوندو. هن ان موقعي تي زور ڀريو ته سياسي ۽ داخلي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر قومي سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ اسان کي متحد ٿيڻو پوندو. وفاقي وزير ايوان ۾ اپيل ڪئي ته سموريون سياسي قوتون قومي مفاد لاءِ هڪ زبان ٿين ۽ ٻاهرين خطرن جو مقابلو قومي اتفاق راءِ سان ڪيو وڃي.