اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) سينيٽر وقار مهدي بنا مقابلي سينيٽ جي قاعدن، ضابطن ۽ استحقاق بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين چونڊجي ويو. چيئرمين جي چونڊ لاءِ ڪميٽيءَ جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ طرفان جاري پڌرائيءَ موجب سينيٽر وقار مهدي جو نالو سينيٽر راجا ناصر عباس تجويز ڪيو ۽ سينيٽر فيصل سليم رحمان ان جي تائيد ڪئي. ڪميٽيءَ جي ميمبرن سينيٽر وقار مهدي تي ڪميٽيءَ جا معاملا هلائڻ جي صلاحيت تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر وقار مهدي ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي حمايت تي ٿورا مڃيندي چيو ته ڪميٽي سينيٽر تاج حيدر مرحوم جي پيروي ڪندي معزز سينيٽرن جي استحقاق کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندي. ڪميٽي چيئرمين جي سربراهيءَ ۾ قانون، قاعدن ۽ ضابطن موجب ڪم ڪندي. اجلاس دوران ڪميٽيءَ جي ميمبرن مرحوم سينيٽر تاج حيدر جي لاڏاڻي تي فاتحه خواني به ڪئي. اجلاس ۾ سينيٽر فيصل سليم رحمان، سعديه عباسي، پلوشه محمد زئي خان، راجا ناصر عباس، دوست علي جيسر، اسد قاسم، سيد مسرور احسن ۽ سينيٽ آف پاڪستان جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.