اسلام آباد-23 مئي (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين فلپ مورس انٽرنيشنل جي وفد سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تماڪ جي صنعت بابت ريگيوليٽري ماحول، روانگي واپار جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير گهٽ کان گهٽ طئي ڪيل قيمت (ايم آءِ پي) جي نوٽيفڪيشن جي جلدي تڪميل جي هدايت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وقت سر انتظامي قدمن سان غير يقيني واري صورتحال ۽ مالي نقصانن کان بچي سگهجي ٿو، خاص طور آبادگارن ۽ روانگي واپار ڪندڙن لاءِ وفاقي وزير عزم ورجايو ته حڪومت زرعي صنعتن جي معاونت ۽ آبادگارن جي مفادن جي تحفظ لاءِ هڪ مؤثر ريگيوليٽري نظام کي يقيني بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته تماڪ جهڙوزرعي شعبو روزگار، ٻهراڙي جي ترقي ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. رانا تنوير حسين تماڪ سيڪٽر جي معيشت ۾ وڌندڙ حصيداري کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان جي سموري روانگي واپار 100 ملين آمريڪي ڊالرن جي حد پار ڪري چڪي آهي، جنهن سان ملڪ کي مٽاسٽا جي ناڻي جو ذخيرو حاصل ٿي رهيو آهي. هن ان گهڻ قومي ڪمپنين جي ڪردار کي ساراهيو جيڪي پاڪستان جي قانوني ۽ ريگيوليٽري نظام اندر رهي ذميداريءَ سان ڪم ڪري رهيون آهن ۽ قومي ترقيءَ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير وفاقي سطح تي مضبوط نگراني جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن پاليسي سازيءَ ۾ هم آهنگي برقرار رهي ۽ هن خاطري ڪرائي ته قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت سمورين ڌُرين سان گڏجي هڪ مستحڪم سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن ڳالهين جي پڄاڻيءَ تي چيو ته ملاقات ۾ اُٿاريل خدشن کي سنجيدگيءَ سان ورتو پيو وڃي ۽ انهن جي فوري حل لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن قومي اقتصادي ترقي جي وڏي مفاد کي هٿي ڏئي سگهجي.