تهران – 23 مئي (اي پي پي) ايران چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا اسانجي ملڪ جي يورينيم جو رچاءُ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڪو ايٽمي معاهدو ممڪن نه ٿي سگهندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ايران جي يورينيم جو رچاءُ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته آمريڪا سان ڳالهيون نه ٿينديون. هن اهي ريمارڪس جمعي ڏينهن روم ۾ ايران ۽ آمريڪي وفدن وچ ۾ سڌي ريت ايٽمي ڳالهين جي پنجين دور کان اڳ هڪ انٽرويو دوران ڏنا. هن آمريڪي اختيارين جي تازن مطالبن جو جواب ڏيندي چيو ته اسان ۾ بنيادي اختلاف اڃان به موجود آهن. آمريڪي ڌر ايران ۾ يورينيم جي رچاءُ تي يقين نٿي رکي، جيڪڏهن اهو انهن جو مقصد آهي ته ڪو معاهدو نه ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا چاهي ٿو ته ايران ايٽمي هٿيارن ڏانهن نه وڌي ته ڳالهيون ممڪن آهن. ايراني پرڏيهي وزير نوٽ ڪيو ته 2015ع ۾ ايران ۽ ڪيترن ئي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل ايٽمي معاهدو هاڻي موثر ناهي رهيو، پر ان جو اهو مطلب ناهي ته معاهدو ختم ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته معاهدو، جنهن کي باضابطه طور گڏيل جامع پلان آف ايڪشن جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، کي بحال ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته اسرائيل طرفان ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي امڪاني فوري حملن جي تياري بابت خبرن جي حوالي سان ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سخت لفظن ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل ڪا جارحيت ڪئي ته ايران سخت ۽ فوري رد عمل ڏيندو. عباس عراقچي ان رپورٽ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي حملي جي تياري ڪري رهيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي اسرائيلي منصوبن جي فوري مذمت ڪرڻ گهرجي. هن گڏيل قومن کي موڪليل هڪ پيغام ۾ واضح ڪيو ته جيڪڏهن اسرائيل جي ڌمڪين کي روڪيو نه ويو ته ايران جوابي قدم کڻندو. هن زور ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ويو ته اسان ان ڪارروائي ۾ آمريڪا کي به شريڪ تصور ڪنداسين ۽ آمريڪا کي ان جا قانوني ۽ سياسي نتيجا ڀوڳڻا پوندا.