گڏيل قومون – 23 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاڪستان جي بلوچستان صوبي جي علائقي خضدار ۾ اسڪول بس تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻن جو مطالبو ڪيو آهي. 15 رڪني ڪائونسل طرفان جاري پريس بيان ۾ چيو ويو آهي ته خضدار ۾ دهشتگردي جي ان مذمت جوڳي واقعي جي نتيجي ۾ 6 شهري فوت ٿيا جن ۾ 4 اسڪول ويندڙ ٻار به شامل هئا ۽ 53 ڄڻا زخمي ٿيا جن ۾ 39 ٻار شامل هئا. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن متاثرن جي خاندانن، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان همدردي ۽ تعزيت ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگرد پنهنجي سمورن شڪلين ۾ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀني کان سنگين خطرن مان هڪ آهن، ڪنهن به قسم جي دهشتگردي پوءِ اها مالي سهڪار هجي يا اسپانسرز تحت ان جو احتساب ڪرڻ ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ڪائونسل جي ميمبرن سمورن رياستن تي زور ڀريو ته هو ان سلسلي ۾ پاڪستان جي حڪومت سان فعال سهڪار ڪن. بيان ۾ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن تحت عالمي انساني حقن جي قانونن، عالمي پناهگيرن جي قانونن ۽ عالمي انساني قانونن سميت ٻين ذميوارين مطابق سمورين رياستن کي دهشتگردي جي ڪارروائين سبب پيدا ٿيل خطرن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو ويو.