اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پائيدار ترقي جي هدفن اچيومنٽ پروگرام تي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي 45هين اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ بجلي، واپار، مذهبي معاملن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وزيرن سميت اهم ڌرين، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، وفاقي سيڪريٽريز، قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ صوبائي حڪومت جي عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير بنيادي ترقياتي ڍانچي جي منصوبن جي نشاندهي ۾ مقامي ڪميونٽيز کي شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم تي زور ڏنو ته وسيلن کي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ ڪندي پاڪستان جي شهرين جي بهترين مفاد ۾ استعمال ڪيو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته غيرمختص فنڊز حوالي ڪيا ويندا جڏهن ته عملدرآمد ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي وئي ته اهي مختص فنڊز کي موثر ۽ ذميواري سان استعمال ڪن.