اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪوئيٽا جو هنگامي دورو ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي خضدار ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن پاران اسڪول جي ٻارڙين ۽ استادن تي حملي جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت پڻ ڪندا. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اعزاز ۾ ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي خضدار ۾ افسوسناڪ حملي جي ڪري سندس ئي درخواست تي ملتوي ڪيو ويو.