اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن پاران اسڪول بس تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جي خلاف دهشتگردن جي حمايت ۾ ملوث آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر واقعي ۾ شهادت ماڻيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسڪول ويندڙ معصوم ٻارن تي حملو انسانيت سوز ۽ ڪڌو ڏوهه آهي. صدر چيو ته ڀارت جي حمايت يافته دهشتگردن جو مڪمل طور تي خاتمو ڪنداسين ۽ پاڪستان ۾ ڀارتي حمايت سان ٿيندڙ دهشتگردي کي عالمي سطح تي بي نقاب ڪنداسين. هن چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين جي لاءِ دهشتگردن کي سپورٽ ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته دهشتگرد تعليم ۽ انسانيت جا دشمن هجڻ سان گڏوگڏ ملڪي ترقي ۽ صوبي جي خوشحالي جا دشمن آهن. هن چيو ته دهشتگرد بلوچستان کي ترقي ڪندي ڏسڻ نه ٿا چاهين.