احمد آباد _21 مئي (اي پي پي ) بي سي سي آئي جي اهتمام هيٺ انڊين پريميئر ليگ (آئي پي ايل ) جو 18 هون ايڊيشن ڀارت ۾ جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ليگ ۾ خميس 22 مئي تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏيو ويندو. ليگ جي 64 هين ميچ گجرات ٽائيٽنز ۽ لکنئو سپر جائينٽس جي ٽيمن وچ ۾ نريندر مودي اسٽيڊيم، احمد آباد ۾ کيڏي ويندي. گجرات جي ٽيم جي قيادت مشهور بيٽسمين شبمن گل ڪندو جڏهن ته لکنئو سپر جائينٽس جي اڳواڻي مشهور وڪٽ ڪيپر بيٽسمين رشبه پنٽ ڪندو.