اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ طاس معاهدي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته اهو هڪ اهڙو قدم آهي جيڪو پاڪستان جي لاءِ هڪ ڳاڙهي لڪير آهي، هن عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها غزه جي ماڻهن کي گهربل انساني امداد جي مسلسل ۽ وقت سر فراهمي کي يقيني بڻائي جڏهن ته مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي مفاهمت جي آجيان ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب جمهوريه مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم مصر جي تعميري ڪردار، ان جي متوازن بيانن ۽ ڏکڻ ايشيا جي تازي بحران دوران فعال سفارتڪاري تي صدر السيسي جا دل سان ٿورا ادا ڪيا جنهن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. وزيراعظم ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو بهادري سان دفاع ڪرڻ تي پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان علائقائي امن جي مفاد ۾ ڀارت سان جنگبندي مفاهمت کي برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن مصري صدر جو ڌيان سنڌ طاس معاهدي جي اهميت طرف پڻ ڇڪرايو جنهن کي ڀارت التوا ۾ رکڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو هو، هڪ اهڙو قدم جيڪو پاڪستان جي لاءِ هڪ ڳاڙهي لڪير آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي خاص طور تي غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها غزه جي ماڻهن کي گهربل انساني امداد جي مسلسل ۽ وقت سر فراهمي کي يقيني بڻائي. هن اها به اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ مهيني ٻه رياستي حل تي ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس جا بامعنيٰ نتيجا نڪرندا. پاڪستان مصر لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. مصري صدر پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي مفاهمت جي آجيان ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته مصر پاڪستان سان سمورن شعبن ۾ مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن غزه ۾ انساني امداد موڪلڻ تي پاڪستان کي ساراهيو. وزيراعظم مصري صدر کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي انتهائي پرخلوص دعوت ڏني جنهن کي مصري صدر قبول ڪري ورتو.