اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ٿائيلينڊ، فلپائن، سلووينيا، سربيا، برڪينافاسو، زيمبيا ۽ لٽويا جي پاڪستان ۾ نامزد سفيرن سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري سان نامزد سفيرن جدا جدا ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ صدر واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو ويو. صدر ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سفيرن کي سندن نئين ذميوارين تي مبارڪباد ڏني. صدر پاڪستان ۾ دوست ملڪن جي نامزد سفيرن جي لاءِ فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.