اسلام آباد-20 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سعودي عرب جي صحت واري وزير فهد عبدالرحمان الجلاجل سان ملاقات ڪئي. سعودي صحت واري وزير گرمجوشي سان وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي آجيان ڪئي. جاري بيان مطابق ان موقعي تي هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي، ڀائپي وارا مضبوط لاڳاپا آهن. ٻنهي وزيرن صحت جي شعبي ۾ فني سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سعودي عرب جي مسلسل خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. ٻنهي وزيرن ويڪسين جي تياري، ٽيلي ميڊيسن کي هٿي ڏيڻ جا امڪان ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي وزيرن پوليو جي خاتمي لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.