اسلام آباد -20 مئي (اي پي پي) وفاقي وزير احسن اقبال سان بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي، ملاقات دوران صوبي ۾ پي ايس ڊي پي تحت جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون، ان موقعي تي بلوچستان جي ترقي، وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ۽ بهتر منصوبابندي بابت اهم ڳالهيون ڪيون ويون. احسن اقبال چيو ته حڪومت بلوچستان جي ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهي آهي، صوبي ۾ جاري منصوبا عوامي ڀلائي ۽ ترقي طرف هاڪاري قدم آهن. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ هم آهنگي ذريعي بلوچستان کي ترقي جي نئين راهن تي گامزن ڪنداسين.هن چيو ته ڪوشش آهي ته ايندڙ پي ايس ڊي پي جو ڪاٿو وڌائي صوبن کي وڌيڪ ترقياتي موقعا فراهم ڪيا وڃن. ان موقعي تي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي پي ايس ڊي پي 26-2025ع جو جائزو ورتو ۽ سمورن منصوبن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته صوبائي حڪومت ترقياتي عمل ۾ وفاق سان گڏجي هلڻ لاءِ پرعزم آهي، ترقياتي ايجنڊا ۾ وفاق سان صوبن جي شراڪت تعريف جوڳي آهي.