ڪراچي-20 مئي (اي پي پي) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ايندڙ عيدالاضحيٰ جي سلسلي ۾ چوپائي مال جي منڊين ۾ وڪري ۽ خريداري دوران ماڻھن ۾ ڊجيٽل ادائيگين جي طريقن کي ھٿي وٺرائڻ ۽ روڪ رقم تي دارومدار گھٽائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ”گو ڪيش ليس“ مھم شروع ڪري ڏني آھي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اھو اسٽريٽجڪ قدم سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل مالي شموليت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ اسٽيٽ بينڪ جي ھدف تحت کنيو پيو وڃي. ان جي باقاعده شروعات 20 مئي اڱاري کان شروع ٿي وئي آھي .اھا سھولت 6 جون 2025ع يا عيد جي رات تائين جاري رھندي.