بيجنگ-19 مئي (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماوننگ چيو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو دؤرو، پاڪستان حڪومت جي چين سان ناتن کي اهميت ڏيڻ جي عڪاسي ڪري ٿو. پنهنجي معمول واري پريس بريفنگ دوران اسحاق ڊار جي چين جي 3 ڏينهن جي سرڪاري دؤري تي تبصرو ڪندي چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چين ۽ پاڪستان هر موسم جا اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن، ٻئي ملڪ ويجها ۽ اعليٰ سطحي رابطا ۽ سهڪار برقرار رکن ٿا. هن چيو ته چين پاڪستان سان گڏجي اعليٰ قيادت وچ ۾ طئي ٿيل اهم معاملن تي عملدرآمد کي اڳتي وڌائڻ، اسٽريٽجڪ رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهن ناتن کي مستقبل جي جوڙجڪ کي نئين جدت ڏئي سگهن. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته چين ان حوالي سان پنهنجو مؤقف ڪيترائي ڀيرا واضح ڪيو آهي ۽ وڌيڪ چيو ته اسان ٻنهي ملڪن سان رابطن ۾ رهنداسين ۽ جامع ۽ مستحڪم جنگبندي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندا رهنداسين ته جيئن علائقائي امن ۽ استحڪام کي يقيني بنائي سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ ماوننگ چيو ته مان اوهان کي ٻُڌائڻ چاهيان ٿي ته ڀارت ۽ پاڪستان ٻئي چين جا اهم پاڙيسري ملڪ آهن. چين هميشه پاڪستان سان پنهنجي ناتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن چيو ته چين پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان سٺن ناتن جي پاليسي تي قائم آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي ناتن ۾ ڇڪتاڻ کان پوءِ چين هميشه هڪ جانبدار ۽ منصفاڻو مؤقف اختيار ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي تحمل ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻ ۽ صورتحال کي وڌيڪ بگڙڻ کان روڪڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته اسان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل جنگبندي جي آجيان ڪريون ٿا ۽ ان کي ساراهيون ٿا ۽ اسان هڪ جامع ۽ پائيدار جنگبندي جي قيام ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.