بيجنگ-19 مئي (اي پي پي) چين جي صدر، مختلف ملڪن لاءِ نون سفيرن جون مقرريون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا سرڪاري بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته صدر شي جن پنگ، اعليٰ ملڪي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي فيصلي مطابق مختلف سفيرن جون مقرريون ڪيون آهن، لوسوڪو لانگ زو جي جاءِ تي ملاوي ۾، وانگ ليشن جي جاءِ تي ڪونگ شنهوا کي مالديپ، زولينگ جي جاءِ تي هوانگ شيفنگ کي ماريشس، لي زي گانگ کي زاهان جي جاءِ تي سينيگال، لومي ڪو گومن جي جاءِ تي آذربائيجان، لي زن وي کي فين يونگ جي جاءِ تي آرمينيا ۽ يانگ يانگ کي گوهائيان جي جاءِ تي گيانامين ۽ ڊائي بنگ جي جاءِ تي سن لي کي گڏيل قومن ۾ نائب مستقل نمائندو ۽ سفير مقرر ڪيو ويو آهي.