ڪراچي-19 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چين جي شھر ووھو ۾ چيني آٽوموبائل ڪمپني چيري ودھولڊنگ گروپ جي ھيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو. آٽوموبائل ڪمپني چيري ھولڊنگز گروپ پھچڻ تي چيري ھولڊنگز گروپ جي چيئرمين ين يونگيو سندن شاندار آجيان ڪئي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھھ سان ملاقات دوران چيئرمين ين تونگيو اي وي سيڪٽر ۽ قابل تجديد توانائي ۾ اڳڀراين ۾ جٽادار ترقي لاءِ چيري ھولڊنگز جي وابستگي جو اظھار ڪيو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيري ھولڊنگز جي ڪاوشن کي ساراھيو ۽ پاڪستان پاران جٽادار ترقي جا ھدف حاصل ڪرڻ لاءِ اھڙين شراڪت دارين کي ھٿي ڏيڻ جي عزم جو اظھار ڪيو. ھنن پاڪستان ۾ توانائي جي بچت ۽ ماحولياتي جٽاداري جي حاصلات لاءِ اھڙي قسم جي اشتراڪ کي اڻٽر قرار ڏنو. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ڪاوشن سان چيري ھولڊنگز گروپ سڄي سنڌ ۾ اي وي گاڏين جي لاءِ چارجنگ پوانئٽس قائم ڪرڻ تي آمادگي ظاھر ڪري ڇڏي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ھر پنجاھھ ڪلوميٽرن تي اي وي چارجنگ اسٽيشن قائم ڪيو ويندو، چارجنگ اسٽيشنز سان اي وي موٽر سائيڪلون، اي وي ڪارون ۽ اي وي ٽرڪون رکندڙن کي تمام گھڻو فائدو پھچندو. ھن چيو تھ سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ جدت اچي رھي آھي، اسان جو ويزن ماحول دوست اي وي گاڏين کي ھٿي ڏيڻ آھي، چيري ھولڊنگز گروپ خاطري ڪرائي آھي تھ سڄي سنڌ ۾ اي وي چارجنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويندا، اي وي چارجنگ اسٽيشنز جي قيام سان سنڌ جي ماڻھن کي روزگار ملندو، اي وي مني ٽرڪس جو اسمبلنگ پلانٽ بھ ڪراچي ۾ قائم ڪيو پيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ چارجنگ اسٽيشنز ۽ اسمبلنگ پلانٽ جي قيام سان مقامي ماڻھن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، اي وي گاڏيون سستي اگھھ تي ملي سگھنديون. ان موقعي تي توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھھ جو چوڻ ھو تھ چيني سيڙپڪارن پاران سنڌ جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ شمسي توانائي جي رٿائن تي ڀرپور سھڪار جي خاطري ڪرائي وئي آھي، گھرن جي سولرائزيشن سان توانائي جي بحران ۾ گھٽتائي ايندي، ھي قدم ماحول دوست توانائي کي ھٿي ڏيڻ ۾ اھم سنگ ميل ثابت ٿيندو. ھن چيو تھ غريب خاندانن کي سولر سسٽم ڏنا پيا وڃن، گھرن جي سولرائزيشن سان عام ماڻھو جي بجلي جي ضرورتن کي آساني سان پورو ڪري سگھبو، ھاڻوڪي مرحلي ۾ غريب خاندانن کي سولر سسٽم فراھم ڪيا پيا وڃن تھ جيئن اھي پنھنجي روزمرهه جي ضرورتن کي پاڻ پورو ڪري سگھن. هن چيو تھ گھرن جي سولرائزيشن سان عام ماڻھن کي مھانگي بجلي جي بلن کان ڇوٽڪارو ملندو، لوڊشيڊنگ جھڙي مسئلي ۾ گھٽتائي ايندي، مقامي معيشت کي ھٿي ملندي، روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ ٻھراڙي وارن علائقن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ممڪن ٿي سگھندي.