تهران _19 مئي (اي پي پي ) ايران چيو آهي ته يورپي ملڪن سان نئين سري سان اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ تيارآهيون ته جيئن گڏيل لاڳاپن ۾ بهتري ۽ سهڪار کي هٿي ڏئي سگهجي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي گذريل ڏينهن بيان ۾ چئي. هن چيو ته ايران تيار آهي، پر اهڙي طرح جي سوچ ۽ خواهش جي اميد يورپي ملڪن کان به ڪيون ٿا ته جيئن ٻه طرفن لاڳاپن جي سلسلي ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ٿي سگهي . هن چيو ته جيڪڏهن يورپ اهڙي طرح جي ڪا حقيقي خواهش رکي ٿو ته ان کي گهرجي ته هو ان رستي تي اچي وڃي ڇو ته ايران کي ان رستي ۾ ڪنهن قسم جي مشڪل ناهي، ته هو يورپ سان اعتماد ۽ لاڳاپن کي بحال ڪري.