لنڊن – 19 مئي (اي پي پي) برطانوي جبل چاڙهو ڪينٽن ڪول 19 هون ڀيرو دنيا جي بلند ترين چوٽي ماؤنٽ ايورسٽ کي ڪاميابي سان پار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ائين ڪرڻ سان هن هڪ غير نيپالي جبل چاڙهو طرفان ايوريسٽ پار ڪرڻ جو سڀ کان وڌيڪ چوٽين تي چڙهڻ جو پنهنجو رڪارڊ بهتر ڪيو آهي. بهار جي مند جي جبل چڙهڻ جي موسم جي شروعات کان وٺي هاڻي تائين 50 کان وڌيڪ جبل چاڙهو ايوريسٽ جي چوتي پار ڪري چڪا آهن جيڪي بهتر موسم ۽ پرسڪون هوائن جو فائدو وٺي رهيا آهن. 51 سالن جي جبل چڙهڻ بابت گائيڊ ڪول پهريون ڀيرو 2004 ع ۾ ايوريسٽ پار ڪيو هو ۽ ان کان پوءِ تقريبن هر سال ڪنهن نه ڪنهن مهم سان سياحن کي دنيا جي بلند ترين چوٽي تي وٺي ويندو رهيو آهي. انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ويو ته ڪينٽ ڪول نيپالي وقت موجب آچر تي صبح جو 11 وڳي 19 هون ڀيرو ايوريسٽ پار ڪيو.