رياض – 19 مئي (اي پي پي) بيلجيم جو هڪ نوجوان حج جي فرض جي ادائيگي لاءِ هزارين ڪلوميٽرن جو مفاصلو 03 مهينن کان ڊگهو سفر ڪرڻ کان پوءِ سائيڪل تي سعودي عرب پهتو. پرڏيهي ميڊيا موجب 26 سالن جي انس الرزقي چيو ته هن ٽي مهينا اڳ سائيڪل تي حج جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ سفر شروع ڪيو هو. 9 يورپي ۽ عرب ملڪن مان گذرندي، هو سعودي عرب ۽ اردن جي سرحدي پوسٽ، حال عمار ۽ پوءِ مڪي پهتو. انس الرزقي پنهنجي سفر بابت ٻڌايو ته هن پنهنجو سفر بيلجيم کان شروع ڪيو ۽ جرمني، آسٽريا، اٽلي، بوسنيا ۽ ٻين ملڪن کان ٿيندو ترڪيه پهتو. هن چيو ته جڏهن مان اردن کان سعودي عرب جي سرحد ۾ داخل ٿيس ته منهنجي جيڪا ڪيفيت هئي اها لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان. انس الرزقي جو چوڻ هو ته “مون کي سفر دوران ڪيترين ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، جن ۾ اڪيلائي جو احساس به شامل هو جيڪو بدلجندڙ موسم کان وڌيڪ ٿڪائيندڙ هو پر حرمين جي پاڪ ڌرتي جي زيارت جي خيال منهنجي همت ۽ جذبن کي مضبوط ڪيو. رستي ۾ مون کي مليل هر ڪنهن کان حوصلا افزائي ملي جيڪا پڻ منهنجي حوصلي کي بلند رکڻ ۾ وڏي مددگار ثابت ٿي.” جڏهن نوجوان مملڪت جي سرحد ۾ داخل ٿيو، ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، جنهن ۾ اثر اضيافتي هولڊنگ ڪمپني جي ذيلي اداري اثر الخير جا عملدار به شامل هئا.