لاهور -18 مئي (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته ڀارت خلاف فتح سان پاڪستان کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي ڀرپور پذيرائي ملي. قوم شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي، حڪومت عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، لاهور ڊولپمينٽ پروگرام تحت جاري منصوبا عوامي ڀلائي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندا. وزيراعليٰ پنجاب جو ويزن آهي، ته لاهور کي جديد، صاف ۽ خوبصورت شهر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ڊولپمينٽ پروگرام تحت 18 ارب روپين جي لاڳت سان سيوريج، واٽر سپلاءِ ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي جي منصوبن جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سهيل شوڪت بٽ ۽ ٻيا موجود هئا. اسپيڪر آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته الله پاڪ جو شڪر آهي ته پاڪستان کي ان جنگ ۾ فتح نصيب ٿي. پاڪ فوج جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته پاڪ فوج هر محاذ تي دفاع کي يقيني بڻايو، پوري قوم اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. سمورين سياسي قوتن ملڪي سلامتي کي مٿانهون رکيو، قومي يڪجهتي پاڪستان کي سفارتي ۽ اخلاقي فتح ڏياري، ان عظيم فتح تي قوم شهيدن جي قربانين کي به نه وساريندي. هن چيو ته مان خاص ڪري محمد نواز شريف جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جنهن عالمي دٻاءَ کي پٺتي رکي پياري ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو ته جيئن ڪو به اسان جي ملڪ ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان صبر ۽ حڪمت سان دشمن جي جارحيت جو مقابلو ڪيو، عالمي سطح تي پاڪستان جي سفارتڪاري کي ساراهيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جنهن دنيا کي پاڪستان جي موقف بابت وقت سر آگاهه ڪيو ته اسان امن پسند قوم آهيون، اسان جنگ نٿا چاهيون، ڇاڪاڻ ته پاڪستان دهشتگردي خلاف اڳ ئي 90 هزار شهادتون ڏئي چڪو آهي، پر جيڪڏهن اسان تي جنگ مڙهي وئي ته اسان جو ڀرپور جواب ڏينداسين، سڄي قوم پنهنجي فوج سان گڏ آهي. قومي اسيمبلي ۾ سڀني پارٽين اتحاد جو مظاهرو ڪيو. ٻئي پاسي اسلامي دنيا اسان سان گڏ بيٺل هئي، ترڪيه ۽ آذربائيجان سميت ٻيا دوست ملڪ سان سان گڏ هئا. هن چيو ته پوءِ دنيا ڏٺو جڏهن دشمن رات جي اونداهي ۾ حملو ڪيو ته ڪهڙي طرح اسان جي فوج ڏينهن جي روشني ۾ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان اڄ سياسي، دفاعي ۽ اخلاقي برتري سان اڀريو. ڀارت خلاف فتح سان پاڪستان کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي ڀرپور پذيرائي ملي آهي، سڄي دنيا تسليم ڪيو آهي ته پاڪستان هڪ خودمختيار ۽ پرامن ملڪ آهي، اسان جي فوج ۾ اها صلاحيت آهي جيڪا دنيا ۾ ڪنهن وٽ به ناهي. ان موقعي تي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ صوبائي وزير سهيل شوڪت بٽ علائقي ۾ ترقياتي منصوبن جي شروعات تي محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جو ٿورو مڃيو.