Happy parents day. Big happy black family. Flat vector cartoon illustration. Objects isolated on a white background.

حيدرآباد-18 مئي (اي پي پي) حيدرآباد سميت سڄي ملڪ ۾ والدين جو عالمي ڏينهن پهرين جون تي ملهايو ويندو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٻارن جي بهتر تربيت ۾ والدين جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آهي. ان ڏينهن جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ سماجي ۽ فلاحي تنظيمن طرفان مختلف تقريبن جو انتظام ڪيو ويندو ۽ والدين جي ڪردار جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪئي ويندي.