واشنگٽن-18 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان سومر تي ٽيليفون تي رابطو ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ يوڪرين ۾ جنگ بندي لاءِ سومر تي پيوٽن کي ٽيليفون ڪندو جنهن جي تصديق ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف سرڪاري خابرو اداري سان ڳالهائيندي ڪئي آهي. صدر ٽرمپ ٽيليفونڪ رابطي ۾ روسي صدر کي يوڪرين جنگ بندي لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.