مظفر آباد-16 مئي (اي پي پي) حڪومت تازو ئي ڀارتي اڳرائيءَ جي نتيجي ۾ آزاد ڪشمير جي شهيدن جي وارثن ۽ زخمين لاءِ 532 ملين رپين جا فنڊز جاري ڪري ڇڏيا آهن. حڪومت طرفان ڏنل پيڪيج تحت شهيدن جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا جڏهن ته زخمين کي 20 لک ۽ ٻين زخمين کي 10 لک رپيا في ماڻهو ڏنا ويندا. اسٽيٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب اها رقم ان رقم کان علاوه آهي جيڪا حڪومت آزاد ڪشمير 10 لک رپيا شهيد جي وارثن جي هر ماڻهو کي جڏهن ته معذور ٿيل ماڻهن کي 8 لک، سخت زخمين کي 3 لک ۽ معمولي زخمين کي 50 هزار رپيا ادا ڪري چڪي آهي. آزاد ڪشمير حڪومت شهيدن جي وارثن کي گهر گهر وڃي معاوضي جي ادائگي ڪري ڇڏي آهي. آزاد ڪشمير حڪومت طرفان ڀارتي اڳرائي سبب متاثر ٿيل گهرن ۽ ٻين ڪاروبار مرڪزن، دڪانن کي پهتل نقصان جي تعين لاءِ ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن جن جي رپورٽن جي روشنيءَ ۾ معاوضي جي ادائگي عمل ۾ آندي ويندي.