اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان تازي جيو پوليٽيڪل صورتحال ۽ ان جي نتيجي ۾ سائبر سيڪيورٽي جي وڌندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي سمورين ڪمپنين لاءِ هڪ ايڊوائيزري جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ڪمپنين تي زور ڀريو ويو آهي ته هو سائبر سيڪيورٽيءَ جا بهترين طريقا اختيار ڪن. ايس اي سي پي مان جاري پريس رليز موجب ايڊوائيزري ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪمپنيون انهن سٺين حفاظتي طريقن تي عمل نه ڪندي ته ان جو ڪم متاثر ٿي سگهي ٿو، ڊيٽا شايع ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي ساک کي نقصان پهچي سگهي ٿو. ايڊوائيزري ۾ ڪجهه اهم قدمن جي وڌيڪ تجويز ڏني وئي آهي جن ۾ پهچ تي سخت ڪنٽرول رکڻ، نيٽ ورڪ جي ڪمزورين کي گهٽ ڪرڻ، سيڪيورٽي حملن کي مُنهن ڏيڻ جي تياري ڪرڻ ۽ صارفين ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ شامل آهي. ايس اي سي پي پاڪستان جي مالياتي ۽ معلوماتي ڍانچي جي تحفظ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ ڪمپنين تي زور ڀريو آهي ته هو پنهنجي ڊيٽا ۽ نيٽ ورڪ جي سالميت جي تحفظ لاءِ فوري قدم کڻن.