راولپنڊي – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارت جي خلاف معره حق دوران شهيد ٿيندڙ اسڪواڊرن ليڊر عثمان يوسف جي رهائشگاهه تي ويو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم عثمان يوسف شهيد جي والد ۽ ٻين گهرڀاتين تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سوڳوار خاندان سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم وطن جي دفاع لاءِ شهيد جي خدمتن ۽ سندس قربانين تي خراج عقيدت پيش ڪيو.