اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير ميان معين وٽو چيو آهي ته 10 جون تائين پاڻي ذخيرن ۾ پاڻي جي کوٽ 27 سيڪڙو تائين هوندي، وفاقي حڪومت 1056 ارب 98 ڪروڙ 50 لک روپين جي لاڳت سان 32 ڊيمن جي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، انهن منصوبن سان 84 لک 29 هزار 288 ڪيوسڪ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪري سگهبو، منصوبي جي پڄاڻي سان 4 لک 36 هزار 932 ايڪڙ نئين زمين تي پوکي ٿي سگهندي. ديامير ڀاشا ڊيم 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪندو. قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل پاڻي ذخيرن جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلن موجب تربيلا ۽ منگلا ۾ پاڻي جا ذخيرا مارچ ۾ گهٽ ترين سطح تي هئا. ارسا اپريل لاءِ 43 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جو ڪاٿو لڳايو هو، دريائن ۾ پاڻي جي آمد ۾ اضافي سان ذخيرن ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر ٿي، ارسا موجب 10 جون تائين پاڻي جي کوٽ 27 سيڪڙو هوندي، پهرين مئي کان پنجاب ۽ سنڌ کي ضرورت موجب پاڻي جي فراهمي جاري آهي، پنجاب جو 102.3 ۽ سنڌ کي 90 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت 1056 ارب 98 ڪروڙ 50 لک روپين جي لاڳت سان 32 ڊيم منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. انهن منصوبن سان 84 لک 29 هزار 288 ڪيوسڪ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪري سگهبو، منصوبي جي پڄاڻي سان 4 لک 36 هزار 932 ايڪڙ نئين زمين تي پوکي ٿي سگهندي. ديامير ڀاشا ڊيم 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪندو. وزارت طرفان ٻڌايو ويو ته سنڌو درياءَ آبپاشي نظام سان 45 ملين ايڪڙ فوٽ زمين تي پوکي ٿيندي. صوبائي حڪومتون 83.4 ارب روپين جي لاڳت سان 79 ڊيم منصوبن کي اسپانسر ڪري رهيون آهن. منصوبي جي تڪميل سان 3 لک 77ه زار 9 سئو 40 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو. منصوبي سان هڪ لک 9 هزار 966 ايڪڙ نئين زمين تي پوکي ممڪن ٿيندي.