اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير ميان معين وٽو چيو آهي ته نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جا ٻه ٽنل ٻن سالن ۾ بحال ٿي ڪم شروع ڪري ڇڏيندا، ڀارت طرفان تازي جارحيت دوران ان منصوبي کي به نشانو بڻايو ويو جنهن جو ڀارت کان جواب گهريو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ شگفته جماڻي جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته نيلم جهلم پراجيڪٽ جي ٻن ٽنلز کي 2024ع ۾ نقصان پهتو. وزيراعظم هتي جو دورو ڪيو، هن هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن جو ڪم انهن ٽنلز جي نقصان جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ ۽ سبب ڳولڻ هو، ان کانپوءِ هڪ ٻي هاءِ پاور ڪميٽي جوڙي وئي، پرڏيهي ماهرن جي نگراني هيٺ فني سببن جي ڳولا لاءِ ڪميٽي به ٺاهي وئي، هن وقت تائين ان تي لڳاتار ڪم ٿي رهيو آهي، جاچ به ٿي رهي آهي، شروعاتي رپورٽون تيار ٿي ويون آهن. ٻن سالن ۾ ان جي بحالي ٿي ويندي ۽ هي ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. ملڪ عامر ڊوگر چيو ته خبر پئي ته ان منصوبي تي به ڀارت حملو ڪيو، ان سان ڪيترو نقصان ٿيو، ڇا اسان انصاف واري عالمي عدالت ۾ وڃي رهيا آهيون؟ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اسان کي انصاف جي عالمي عدالت ۾ وڃڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته ان سلسلي ۾ حڪومت طرفان ان جو جواب ڏنو پيو وڃي، ان موجب معاوضي ۽ روڪٿام لاءِ پراپر فورم سان رابطو به ڪيو ويو آهي، ان کان جواب جواب گهريو ويو آهي، ان کي اسان جو موقف تسليم ڪرڻو پوندو، ڀارت سان پهرين به ڳالهيون ٿي رهيون هيون، ان ۾ ان کان جواب گهريو ويو آهي، سمورن لاڳاپيل فورمن تي هي معاملو اٿارينداسين. سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪرڻ ڀارتي اعلان جو معاملو به اٿاريو ويو آهي. هو اسان جي حصي جي پاڻي تي قبضو نٿو ڪري سگهي. چوڌري رياض جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ان منصوبي جي ٽنلز کي پهتل نقصان جي جاچ ٿي رهي آهي، ايندڙ هڪ ڏيڍ هفتي ۾ حتمي رپورٽون اچي وينديون.