اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي مان مُختلف بلن جي منظوري ڏني وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سيد قاسم گيلاني واپاري تنظيمن بابت بل 2025 جي حوالي سان اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن اها رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کان پوءِ مرزا اختيار بيگ بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو بعد ۾ ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني. واپار واري وزير ڄام ڪمال اينٽي ڊمپنگ ڊيوٽي بابت ترميمي بل 2024-2025 اسٽينڊنگ ڪميٽي کان منظوري جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري. اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو . بعد ۾ ايوان بل جي شق وار منظور ي ڏني. ناڻي بابت وفاقي وزير انڪم ٽيڪس ترميمي بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو . بعد ۾ ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني. گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري جوابدارن کي تحويل ۾ وٺڻ بابت ترميمي بل 2024 جي منظوري جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري. اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو. ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني. جڏهن ته گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري پاڪستان شهريت بابت ترميمي بل 2024ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو .ايوان بل جي شق وار منظوري ڏني. ناز اڪبر ايوان ۾ فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ترميمي بل 2024ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري. اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو، ايوان بل جي شقوار منظوري ڏني، ايوان بل ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي ٽن ترميمن جي پڻ منظوري ڏني. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ديواني ملازمن بابت ترميمي بل 2024ع اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ڪرڻ جي صورت ۾ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن بل ايوان ۾ پيش ڪيو. بعد ۾ ايوان بل جي شق وار منظوري ڏئي ڇڏي.