اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڀارت خلاف پاڪستان جي تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته الله جو جيترو شڪر ادا ڪجي اهو گهٽ آهي. يوم تشڪر جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته مادر وطن جي دفاع ۾ جان قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو. اسان جي فوج دشمن جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو آهي. 10مئي کانپوءِ پاڪستان ۾ هڪ نئين تازگي ۽ مسرت محسوس ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ ۽ عوام شيهي جي ڀت وانگر هٿياربند فوج سان گڏ وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پاڪستاني ميڊيا ۽ نوجوانن حق جي ويڙهه ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو. پوري قوم ڀارتي جارحيت دوران بردباري، نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪيو. سياسي ۽ عسڪري قيادت يڪجهتي جو عملي ثبوت ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن ثابت ڪيو ته حوصلا دشمن کي شڪست ڏئي سگهن ٿا، سموريون سياسي پارٽيون اختلافن کان مٿانهون ٿي پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهن. اسپيڪر فوج لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.