اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪ ڀارت جنگبندي سميت علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۾ برطانيا جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. هن ٻطرفي لاڳاپن جو پڻ جائزو ورتو ۽ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.