رام الله- 16 مئي (اي پي پي) فلسطيني صدر محمود عباس چيو آهي ته رڳو فلسطيني رياست غزه تي حڪومت ڪندي ۽ هو فوري طور تي ان جو انتظام سنڀالڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل ڏينهن رام الله ۾ هڪ ڪينسر جي مشاورتي مرڪز جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي واضح ڪيو ته هو صرف هڪ ئي قانون، هڪ ئي فوج ۽ هڪ ئي قانوني هٿيار کي تسليم ڪيون ٿا ۽ ٻيو ڪجهه به قبول نه ڪنداسين . هن چيو ته اسان جي طاقت سياسي، سفارتي ۽ صبر ۽ استقامت تي ٻڌل آهي. فلسطيني صدر چيو ته غزه ۾ جنگ ختم ٿيڻ گهرجي. اتي 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن، جيڪو ناقابل تصور آهي. غزه ۾ 80 يا 90 خاندان اهڙا آهن جيڪي هاڻي موجود نه آهن، مطلب ته انهن کي سول رجسٽر مان مڪمل طور تي ختم ٿي ويا آهن. دنيا کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ۽ ويڙهه بند ٿيڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته فلسطينين لاءِ تنظيم آزادي فلسطين (پي ايل او) فلسطينين لاءِ “گڏيل ۽ متحد گهر” آهي. هن چيو ته تنظيم آزادي فلسطين کي واحد قانوني نمائندو تسليم ڪيو وڃي، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانوني اصولن جو احترام ڪيو وڃي ۽ هڪ رياست، هڪ فوج ۽ هڪ هٿيار تي ٻڌل نظام قائم هجي.