رياض – 16 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت حاجين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي هر وقت پنهنجو “نسڪ ڪارڊ” پاڻ سان گڏ رکن. پرڏيهي ميڊيا موجب، وزارت چيو آهي ته هر حج پانڌيئڙي کي ڊجيٽل حج ڪارڊ جي اهميت کان واقف هجڻ انتهائي ضروري آهي. حج ۽ عمري واري وزارت ۽ زائرين جي آگاهي مرڪز گڏيل طور تي حج پانڌيئڙن کي آگاهي ڏيڻ ۽ انهن کي نسڪ ڪارڊ جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ هڪ خاص مهم شروع ڪئي آهي. وزارت جو چوڻ آهي ته حج پانڌيئڙن کي مڪي يا مديني پاڪ ۾ پنهنجي رهائش دوران جڏهن به پنهنجي رهائشگاهه مان نڪرڻو پوي ته پنهنجو ڪارڊ پاڻ سان گڏ رکڻ گهرجي ۽ جڏهن به ڪو سرڪاري آفيسر ان لاءِ پڇا ڪري ته ان کي اهو ڏيکارڻ گهرجي. نسڪ ڪارڊ حاجين بابت مڪمل تفصيل فراهم ڪري ٿو، جنهن ۾ مڪي ۽ مديني پاڪ ۾ سندن عارضي رهائش ۽ مقدس هنڌن (وادي منا، عرفات ۽ مزدلفه) ۾ سندن خيما شامل آهن. نسڪ ڪارڊ تي QR ڪوڊ اسڪين ڪرڻ سان سڀ معلومات سرڪاري عملدارن جي سسٽم تي ظاهر ٿيندي آهي، جنهن سان زائرين جيڪڏهن پنهنجي رهائشي عمارت جو پتو وساري ويهن ٿا ته کين آساني سان انهن جي رهائشي عمارت ڏانهن پهچائي سگهجي ٿو. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ حج زائرين جا نسڪ ڪارڊ حاجين کي انهن جي ملڪن جي حج مشنن ذريعي فراهم ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته ملڪ جي اندر کان ويندڙن جا نسڪ ڪارڊ مقامي حج سروسز گروپن پاران فراهم ڪيا ويندا آهن جيڪي حج ۽ عمري جي وزارت پاران لائسنس يافته آهن.