نئين دهلي – 16 مئي (اي پي پي) انڊين اٽامڪ انرجي ريگوليشن بورڊ براهموس ميزائلن جي اسٽوريج سائيٽ تي پاڪستان جي حملي کانپوءِ اتان ايٽمي مواد مان تابڪاري جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارتي حڪومت انڊين نيشنل ريڊيولاجيڪل سيفٽي ڊويزن ذريعي بياس، پنجاب ويجهو 10 مئي تي براهموس ميزائل اسٽوريج سائيٽ تي پاڪستان جي حملي کانپوءِ 3 کان 5 ڪلوميٽر جي دائري ۾ رهندڙ ماڻهن کي تابڪاري خارج ٿيڻ سبب فوري طور تي خالي ڪرڻ، گهرن مان ٻاهر نه نڪرڻ، دريون بند رکڻ، زمين هيٺ پاڻي جي استعمال کان پاسو ڪرڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ جي صورت ۾ حفاظتي ماسڪ پائڻ جي صلاح به ڏني وئي آهي. ان ڳڻتي جوڳي صورتحال مان واضح ٿئي ٿو ته ڀارت جو ايٽمي پروگرام غير محفوظ آهي جنهن سان خطي ۾ ماحولياتي خرابي پيدا ٿيڻ سان گڏو گڏ تابڪاري پکڙجڻ جو خطرو آهي. ڀارت جي ايٽمي پروگرام کي فوري طور تي بند ڪرڻ گهرجي. پاڪستان هاڻي قانوني طور تي ان مسئلي کي عالمي فورمز تي اٿاري سگهي ٿو، آءِ اي اي اي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جهڙن ادارن تي زور ڏجي ٿو ته اهي ڀارت جي ايٽمي اثاثن کي عالمي نگراني ۾ رکن ۽ پابندين تي غور ڪن.