اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ روشني جو عالمي ڏينهن جمعي تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد سائنس، ثقافت، آرٽ، تعليم ۽ پائيدار ترقي، طب، مواصلات ۽ توانائي جهڙن شعبن ۾ روشني جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. واضح رهي ته گڏيل قومن جي ماتحت اداري يونيسڪو جي روشني جي ڏينهن جي حوالي سان عالمي مهم فوٽوونڪس جي اهميت ۽ پائيدار ترقي جي مستقبل ۾ ان جي ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو، ان ڏينهن جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ دنيا ۾ روشني جي انتهائي اهم ڪردار جي حوالي سان عوام کي آگاهي فراهم ڪئي وئي.