نئين دهلي-15 مئي (اي پي پي) ڀارت چين ۽ ترڪي جي سرڪاري ميڊيا جي ايڪس اڪائونٽس کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي سرڪاري خابرو ايجنسي شنهوا، ڪميونسٽ پارٽي جي انگريزي اخبار گلوبل ٽائمز ۽ ترڪيءَ جي ٽي آر ٽي ورلڊ جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس اڪائونٽس نئين دهلي گذريل ڏينهن ٻنپهر کان سڄي ڀارت ۾ بلاڪ ڪري ڇڏيا. چين ۾ ڀارتي سفارتخاني 7 مئي تي چين جي گلوبل ٽائمز کي هڪ مضمون جي باري ۾ تنبيهه ڪئي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته پاڪستان جي فضائيه فضائي ڪارروائي دوران هڪ ٻيو ڀارتي ويڙهاڪ جهاز تباهه ڪري ڇڏيو. ان اطلاع کي چيني خابرو ايجنسي سان ڳنڍيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارت جي حڪومت ايڪس کي هدايت ڪئي ته هو تقريبن 8 هزار اڪائونٽس کي بلاڪ ڪري ۽ ڊجيٽل فارم سان پاڪستان سان لاڳاپيل مواد هٽائي. ان مان ڪيترائي اڪائونٽس ڀارتي ميڊيا ادارن ۽ ماڻهن جهڙوڪ مڪتوب ميڊيا، ڪشميريت، دي وائر ۽ انو راڌا ڀيسن جهڙن صحافين جا هئا. حڪومت جي ان قدمن جي صحافت جي آزادي جي ڪارڪنن تنقيد ڪئي آهي. في الحال اهو واضح ناهي ته آيا چيني ۽ ترڪيءَ جون نيوز اڪائونٽس ڄاڻايل 8 هزار اڪائونٽس جو حصو آهن.