اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ويڪسينز ۽ دوائن جي مقامي سطح تي تياري کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ان جو مقصد امپورٽ تي گهٽ ڀاڙڻ ۽ پاڪستان جي صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ آهي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ ” ويڪسينز ۽ فارما سيوٽيڪلز جي مقامي پيداوار بابت يونيسيف – ڊبليو ايڇ او انڊسٽري ڪنسلٽيشن “ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ۾ ڪيو. سيد مصطفيٰ ڪمال يونيسيف جي نمائندي عبدالله فاضل ۽ ڊبليو ايڇ او جي نمائندي جو ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان جي صحت جي سارسنڀال جي ترقي لاءِ سندس مسلسل حمايت ۽ عزم تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته هي صرف مشاورتي اجلاس ناهي، هي صحت جي خودمختياري ڏانهن اسان جي سفر ۾ هڪ اهم موڙ جي نشاندهي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان وٽ هنر، صلاحيت، وسيلا ۽ هاڻي مقامي طور تي دوائون ۽ ويڪسين تيار ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي جيڪي اسان جي ماڻهن کي گهربل آهن. دوا ٺاهڻ جي ڪچي مال جي امپورٽ ۾ خلل وجهندڙ تازي جاگرافيائي سياسي چئلينجن جو حوالو ڏيندي صحت واري وزير مقامي پيداوار جي اهميت تي زور ڀريو. ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ جي روشني ۾ اسان کي ڪچو مال حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن، ان مان اهو واضح ٿي ويو ته پاڪستان کي دوائون ٺاهڻ واري شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ گهرجي. ڊبليو ايڇ او ۽ يونيسيف جي رهنمائي سان اسان ان صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته حڪومت ان تبديلي جي حمايت لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي، آئون ذاتي طور تي ڊريپ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سڌارن جي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ پنهنجي معيارن کي عالمي بهترين طريقن سان هم آهنگ ڪري رهيو آهيا. فارما سيوٽيڪل سيڪٽر جي بي پناهه صلاحيت کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير صنعت جي اڳواڻن تي زور ڀريو ته هو جديد ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ عالمي معيارن کي اختيار ڪن. وفاقي وزير پرائيويٽ سيڪٽر جي اهم ڪردار کي تسليم ڪندي چيو ته اوهان ان تبديلي جا معمار آهيو، اسان اوهان کي اهڙي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي ترغيب ڏيون ٿا جيڪا پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي ڏي. اسان گڏجي پاڪستان کي فارما سيوٽيڪل ايڪسيلينس جو مرڪز بڻائي سگهون ٿا. وفاقي وزير چيو ته صحيح سيڙپڪاري، حصيداري ۽ ريگوليٽري سپورٽ سان پاڪستان نه رڳو پنهنجو گهريلو صحت جي سارسنڀال جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو پر دوائون ٺاهڻ ۽ ويڪسين جي هڪ اهم ايڪسپورٽ ڪندڙ طور به اڀري سگهي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ بنيادي ڍانچي، ٽئلينٽ ۽ اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ آهي جيڪا عالمي فارما سيوٽيڪل سپلائي چين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.