اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آبادگارن کي آسان شرطن تي زرعي قرضن جي فراهمي يقيني بڻائڻ، ملڪي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ زرعي تحقيق تي ڌيان ڏيڻ ۽ زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ٺوس حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زرعي ڪفالت جي لاءِ زراعت جي شعبي کي جديد رخن تي قائم ڪيو پيو وڃي، معيشت جي فوري ترقي جي لاءِ زرعي شعبي جي وسيع صلاحيت کي استعمال ۾ آڻينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي زرخيز زمين، قابل زرعي ماهرن سان نوازيو آهي، اسان جا آبادگار جفاڪش ۽ محنتي آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آبادگارن کي آسان شرطن تي زرعي قرضن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ملڪي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ زرعي تحقيق تي ڌيان ڏنو وڃي، هن پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري زرعي صنعتي ترقي جي لاءِ پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن ملڪ ۾ زراعت سان گڏوگڏ ٻيلن کي پڻ هٿي ملي جيڪي ماحولياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ٺوس حڪمت عملي ٺاهي وڃي، ان سلسلي ۾ صوبن سان مشاورت پڻ يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم زرعي شعبي جي حوالي سان نيشنل ايگري انوويشن پلان پيش ڪرڻ، زرعي ٻجن جي سرٽيفڪيشن جي نظام ۾ جاري سڌارن ۾ تيزي آڻڻ ۽ اعليٰ معيار جي ٻجن جي فروغ جي حوالي سان موثر حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو فروغ اسان جي ترجيح آهي. هن زرعي شعبي جي حوالي سان جامع ريگيوليٽري فريم ورڪ جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ زرعي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان ٺاهيل ورڪنگ گروپ پاران تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.