اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان پاران پاڪستان سان ڀرپور يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار تي صدر الهام عليوف جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان سدائين سچن ڀائرن وانگر هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي ٽيليفون ڪئي ۽ ڏکڻ ايشيا جي تازي بحران ۾ آذربائيجان پاران ڀرپور يڪجهتي ۽ حمايت تي صدر الهام عليوف جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته صدر الهام عليوف جي مستقل حمايت پاڪستاني عوام سان سندس بي پناهه محبت ۽ پيار جو هڪ ٻيو مظهر آهي. وزيراعظم پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار تي آذربائيجان جي ڀائر عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار ۽ پراڻي دوستي جو اظهار ٿيو آهي، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي عوام سدائين سچن ڀائرن وانگر هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان علائقائي امن جي لاءِ ڀارت سان جنگبندي مفاهمت تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ان کي برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارتي قيادت جي تازي اشتعال انگيز بيانن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته مستقبل ۾ ڪنهن به جارحيت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو ڀرپور دفاع ڪندو. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام جو بنياد آهي جنهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي اصولي حمايت تي صدر عليوف جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم پاڪستان آذربائيجان جي وچ ۾ خصوصي ۽ وقت جي آزمائش تي پورو لهندڙ ڀائراڻي لاڳاپن تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان ان دوستي کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ بدلائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ آذربائيجان پاران 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري بابت تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن صدر الهام عليوف کي جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ پڻ ڪيو جيڪا صدر الهام عليوف قبول ڪري ورتي. صدر عليوف پاڪستان جي شاندار ڪاميابي تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. هن امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي جنگبندي مفاهمت جي آجيان ڪئي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته آذربائيجان پاڪستان سان سمورن شعبن ۾ پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.